اياز عالم ابڙو

اياز عالم ابڙو

اياز عالم ابڙو

اياز عالم ابڙو: سنڌ جي نامور چترڪار، وڊيو گرافر، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق اياز عالم 3 مئي 1950ع تي قنبر علي خان، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ نامياري مصور، فوٽوگرافر ۽ استاد محمد عالم ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو. مئٽرڪ ميونسپل هاءِ اسڪول قنبر مان ۽ انٽر ميڊيٽ ڊرائينگ گريڊ ايگزيمنشن فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن 1964ع ۾ خصوصي انعام سان گورنمنٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد مان پاس ڪيائين. کيس چترڪاري، فوٽوگرافي ۽ ادبي ماحول ورثي ۾ مليا. 1965ع کان قنبر جي ميونسپل هاءِ اسڪول ۾ ڊرائينگ ٽيچر طور 8 سال خدمتون انجام ڏنيون. 1965ع کانپوءِ 1970ع واري ڏهائي دوران مهراڻ آرٽ ڪائونسل حيدر آباد ۽ تعليم کاتي سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ٿيندڙ آرٽ جي نمائشن ۾ حصو ورتو ۽ انعام حاصل ڪيا. هن ريڊيو ۽ ٽي ويءَ لاءِ ڪيترائي دستاويزي پروگرام تحرير ڪيا، جن مان ڪجھه ملڪي ۽ ڪجهه بين الاقوامي مقابلن ۾ شامل ٿيا. سندس لکيل دستاويزي فلم ”مير بحران دور ۾ پي ٽي وي تان ٽيليڪاسٽ ٿي جنهن ۾ هن منڇر جي زوال بابت اڳڪٿي ڪئي. ان فلم ۾ اياز عالم ڇهن مرحلن ۾ ڪم ڪيو، جن مان تحقيق، فلم جي ڪهاڻي جو اسڪرپٽ، پسِ پرده (نيريشن) آواز جي ريڪاڊنگ، اسٽل فوٽوگرافي ۽ ان فلم جو مرڪزي ڪردار (مير بحر) به پاڻ ادا ڪيو. اها دستاويزي فلم مغربي جرمني جي شهر ويسٽ برلن جي پرنز فيوچر فيسٽيول 1982ع جي بين الاقوامي مقابلي لاءِ موڪلي وئي، جنهن کي بهترين اسڪرپٽ جي بنياد تي پهريون انعام ”ٽرانسٽل پرائيز“Transtel Prize مليو. نومبر 1994ع ۾ اياز عالم بحثيت هدايت ڪار ۽ سنڌيڪار، شيخ اياز جو تاريخي منظوم ”ڊرامو دودي سومري جو موت“ اردوءَ ۾ ترجمو ڪري اسلام آباد جي آبپاره ڪميونٽي سينٽر جي اسٽيج تي پيش ڪيو. اياز عالم جو تحرير ٿيل دستاويزي پروگرام”هماري کيل“ جو هڪ سلسلو پي ٽي وي تان ٽيلي ڪاسٽ ٿيو جنهن ۾ هن سنڌ جي وساريل راندين کي ملڪي سطح تي پڌرو ڪيو. اياز عالم پي ٽي وي ڪراچي سينٽر جي ڪرنٽ افيئر شعبي لاءِ پڻ ڪافي دستاويزي پروگرام لکي پاڻ ملهايو جن ۾: هڪ دستاويزي فلم’راجا ريل‘ ميرپورخاص کان کوکڙا پار تائين، مزارِ قائد ڪا عجائب گهر ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌا لاجي (ادارو ۽ عجائب گهر) تي دستاويزي فلم شامل آهن. ان کان علاوه پاڻيءَ مٿي جھوپڙا، پير پٺو، ميرن جا مزار ۽ ٻيون دستاويزي فلمون شامل آهن. اياز عالم ريڊيو، ٽي وي لاءِ ڪجهه ڊراما پڻ لکيا. سندس ٽي. وي ڊرامو: ’ڏات جي ڏيهه ۾‘ (جنهن ۾ هن سنڌ جي اديبن جي ابتر حالت ڏيکاري آهي، ان ڊرامي سال 1978ع کي بهترين ڊرامي جو اعزاز ماڻيو ۽ ساڳي سال سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ٿيندڙ رسالي مهراڻ ۾ با تصوير شايع ٿيو )، ’گهايل مرڪ‘، ’پنهنجا پنهنجا سپنا‘، ’اسڪائي لئب‘، ’ڪُن ۽ ڪنارا‘، ’چنڊ گدري ڦار‘ جيڪو پوءِ اردو ۾ (عيد ڪا چاند) جي عنوان سان ترجمو ٿي ٽيلي ڪاسٽ ٿيو ۽ پي ٽي وي اوارڊ ماڻيو. علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي زندگيءَ تي لکيل ڊرامو ’انت بحر‘ مشهور ٿيا. سندس ريڊيو ڊرامن ۾: ’سوڀارو سانول‘، ’هيڪل جندڙي’انت بحر‘ ۽ ’ووچڙي جي ووڙ‘ تمام گهڻو پسند ڪيا ويا. 1981ع ۾ اياز عالم بحثيت اسڪرپٽ رائيٽر، ريڊيو تي “ڦلڪارا“ ضلعي بدين تي دستاويزي پروگرام تحرير ڪيو. جنهن تي کيس ايشين پئسفڪ انسٽيٽيوٽ آف براڊڪاسٽنگ ڊولپمنٽ ملائيشيا پاران مڃتا ايوارڊ مليو. 1982ع ۾ هن شاهه جي ڪافين تي هڪ پروگرام ”محفل شب“ لکيو جيڪو بيحد پسند ڪيو ويو. 1975ع ۽ ان کان پوءِ 1980ع واري ڏهائي دوران هن موهن جي دڙي، منڇر ڍنڍ ۽ پنهنجي شهر قنبر جي حوالي سان هائيڪو نگاري پڻ ڪئي. هن ورهاڱي کان پوءِ لکيل ۽ شايع ٿيل ناٽڪ سهيڙيا ۽ اسٽيج ٽيڪنڪ جي موضوع تي هڪ ڪتاب ”جديد سنڌي ناٽڪ سونهون“ لکيو، جنهن جا ڪجھه باب روزاني هلال پاڪستان اخبار جي ميگزين ۾ شايع ٿيا. سال 1980ع کي، سندس رٿ تي هند ۽ سنڌ ۾ سنڌي ناٽڪ جي هڪ صدي طور ملهايو ويو. اياز عالم کي ادب ۽ آرٽ جي مختلف شعبن ۾ خدمتن جي مڃتا طور ڪيترا ئي اوارڊ، اعزاز ۽ سرٽيفڪيٽ مليا. انسٽيوٽ آف سنڌالاجي پاران 1962ع-1987ع واري سلور جوبلي جي موقعي تي سنڌ يونيورسٽي جي وائس چانسلر جناب مظهر الحق صديقي هٿان وائس چانسلر ميڊل، پي ٽي وي پاران بيسٽ اچيومينٽ اوارڊ ۽ مختلف تنظمين پاران شيلڊون ۽ ڪيئي مڃتا سرٽيفڪيٽ شامل آهن. 18 ڊسمبر 1998ع تي آمريڪن بايوگرافيڪل انسٽيٽيوٽ پاران مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ دنيا جي 500 شخصيتن کي ملينيم ميڊل آف هانر2000ع طور چونڊيو ويو، تن ۾ اياز عالم ابڙي جو نالو پڻ شامل آهي. 1977ع کان 1981ع دوران اياز عالم هفتيوار ’سرتاج‘ ميرپورخاص جو ايڊيٽر رهيو ۽ نومبر 1981ع ۾ هفتيوار سرتاج پاران ”سرتاج سنڌي ساهت نمبر“ پڌرو ڪيو. ان دستاويز ۾ هن سنڌ جي لڳ ڀڳ مڙني اديبن، شاعرن، ڪالم نگارن، ناٽڪ نويسن، ادب ۽ آرٽ جي الڳ الڳ شعبن ۾ ڪم ڪندڙ شخصيتن جي با تصوير ڄاڻيٺي ڇپرائي پڌري ڪئي. 1976ع کان 1978ع ۾ روزاني ’عبرت‘، حيدرآباد جي هفتيوار فلم سيڪشن ۾ معاون، آرٽسٽ ۽ خطاط پڻ رهيو. هن مختلف ادارن ۾ ڪم ڪيو جن مان 1983ع کان 1984ع تائين آس ون ايڊورٽائيزنگ ايجنسي ۾ بطور آرٽسٽ ۽ فوٽو گرافر رهيو. 1984ع کان 1986ع تائين ايم اين جي ڪميونيڪشن انٽرنشنل جي ڪريئيٽو ڊپارٽمنٽ ۾ بطور ڪانسيپٽ رائٽر۽ گڏوگڏ ڊاڪيومينٽري فلم سيڪشن ۾ خدمتون سر انجام ڏنيون. 1987ع ۾ سنڌالاجي جي فوٽوگرافڪ سيڪشن ۾ شامل ٿيو، جتي هن آڊيو ويوئل سيڪشن ۾ وقت به وقت خدمتون انجام ڏنيون. جنهن بعد هن ڪجھه عرصو سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي صحافت ۾ پڻ ڪم ڪيو. اياز عالم مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ پڻ ڪم ڪيو جن ۾: ماهوار ’نئون نياپو‘، ماهوار ’هلچل‘، ماهوار ’پرک‘ ۽ ماهوار ’نئين ٽهي‘ کان علاوه روزاني اخبارالک‘ جي تخليقي شعبي ۾ بطورآرٽسٽ، فوٽوگرافر ۽ ’الک گروپ‘ آف پبليڪشن جو صلاحڪار پڻ رهيو. سال 2002ع ۾ ماهوار ’نئون دور‘ ڄامشورو جو ايڊيٽر رهيو ۽ آڪٽوبر 2002ع ۾ ’نئون دور‘ پاران دادو ضلعو نمبر پڌرو ڪيو. مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ سندس شاهه شناسي، سنڌ جي قديم آثارن ۽ ٻين ماڳن مڪانن تي مضمون، ڪالم ۽ معلوماتي مواد شايع ٿيندو رهيو آهي. هو هن وقت حيدرآباد ۾ رهائش پذير آهي، سندس پُٽ ۽ نياڻي آرٽ ڊيزائن جي شعبي سان لاڳاپيل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

  عيسوي


1950.05.03  عيسوي

اياز عالم ابڙي 3 مئي 1950ع تي قنبر علي خان ، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اٽل رام سوامي
سيد ناز لطيفي
ج ع منگهاڻي
شيام رامسي
فقير رسول بخش انڙ
جيلاني پير عالي شاهه
ابوالبشير ميمڻ
خليفو احمد خان نظاماڻي
ادا جعفري
هيرو شيوڪاڻي پروفيسر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون